SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Neo- Conservatism

(click word to listen sound
  • 🔊
  • neo
  • kənsəːvətizəm
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Neo- Conservatism

نيوڪنزوريٽزم

جديد پُراڻ پسندي

هن لفظ جو سڀ کان پهريائين استعمال آمريڪي سياسي دانشور ’مائيڪل هيرنگٽن‘ ڪيو. هن تحريڪ آمريڪا ۾ فڪري ڌارائن کي نئون رخ ڏنو ۽ سياست ۾ ايندڙ ظاهري تبديلين ۽ نون لاڙن جو بنياد رکيو. ان گروهه جي رڪنن جي اڪثريت يهودي هئي ۽ ان حلقي سان تعلق رکندڙ سڀ کان وڌيڪ منظم گروهه نيويارڪ ۾ هو. ان تحريڪ جا چار بنيادي مقصد هئا.1. مغربي قدرن جي پٺڀرائي ۽ ڪميونزم جي مخالفت 2. 1960ع جي ڏهاڪي ۾ انهيءَ نظريي جي وڪيلن مُختلف آمريڪي حڪومتن، خاص طور وفاقي حڪومت جي ڪردار، صلاحيت ۽ روين تي شڪ ظاهر ڪيو 3. ان حلقي جي سوچ ڏاڍي روايتي هئي، جنهن ڪري سندس ميمبر مذهبي ۽ اخلاقي لاڙي کي اهميت ڏيندا هئا. 4. ان حلقي عمل کان ماورا نظرين جي مخالفت ڪئي ۽ وڏي پئماني تي برابريءَ ۽هڪجهڙائيءَ (Equality) تي زور ڏنو. هيءُ اصطلاح 1970ع جي ڏهاڪي ۾ آمريڪي پرڏيهي پاليسيءَ ۾ به استعمال ٿيو، جنهن جو مقصد معاشي، سياسي ۽ فوجي سگهه جي استعمال سان، ٻين مُلڪن ۾ آزاد خيالي، جمهوريت ، رواداري ۽ انساني حقن جي حاصلات کي ممڪن بڻائڻ هُئو .


Remember Me Also:

بتي

ث. [پرا. بَتّ؛ سن. وَرتِي] وَٽ ڏئي جي. ڏِيو ، چراغ. شمعدان ، لالٽين.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal